شھر توڙي ٻاھرياڙين ۾ بدامني،پوليس خاموش

شھر توڙي ٻاھرياڙين ۾ بدامني،پوليس خاموش

ٺڪراٺو(ن س)ٺڪراٺو شھر توڙي ٻاھرياڙين ۾ سماجي برايون جوئا آڪڙاپرچي سنوڪر گيم فحاشي جا اڏا چرس آفيم ۽ شراب نشي آور سوپارين جو ڪڌو ڪاروبار چوٽ چڙھيل مبارڪپور پوليس حد ۾ ھلندڙ سماجي براين کي روڪڻ بجا سماجي برائي جي اڏن تي ھفتيوار ۽ ماھوار منٿليون مقرر ڪري ڇڏيون مبارڪپور ٿاڻي تي نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او طاھر دايو جي اچڻ کانپوء سماجي براين ۾ ٻيڻ تي واڌ ھر محلي توڙي گھٽي ۾ سماجي برايون ھلڻ لڳيون نوجوان نسل تباھي ڪناري تي پھچي ويو شھر جي سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ٻي صورت ۾ شھر اندر وڌندڙ سماجي براين خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو خبر موجب مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ سماجي برايون عروج تي پھتل مبارڪپور ٿاڻي تي نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او راجا طاھر دايو جوئا شراب چرس فحاشي اڏا آڪڙاپرچي ۽ ٻيون سماجي برايون ھلائيندڙ ماڻھن کي کُلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ٺڪراٺو مبارڪپور سميت ننڊن وڏن اسٽاپن توڙي ڳوٺن ۾ جوئا آڪڙاپرچي سنوڪر گيم تي روزانو لکين روپين جي جوئا ٿيڻ لڳي شھر جي مختلف محلن ۾ چرس شراب آفيم نشي آور سوپارين جو وڪرو سريعام ھلي پيو فقير محلي ڀرسان بند ٿيل فحاشي جو اڏو بہ ھڪ ڀيرو ٻيھر کلي ويو ھر سماجي برائي جي اڏي تي مبارڪپور پوليس پنھنجي منٿلي مقرر ڪري ڇڏي نئين آيل ايس ايڇ او مبارڪپور طاھر دايو پاران پوليس سان گھٽ تعاون ڪرڻ تي فحاشي جو اڏو ھلائيندڙ پنجاب کان آيل عورت گلزاري ، چرس ھلائيندڙ شاھد مڱڻھار ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙ حفيظ مھتم کي گرفتار ڪري کائن 15 , ھزار في ماڻھون کان وٺي آزاد ڪري ڇڏيو اھڙي طرح روزانو پوليس ٻہ چار ماڻھون گرفتار ڪري ڊيل تحت آزاد ڪرڻ کي پنھنجي روزي ٺاھي ڇڏيو آھي ھوڏانھن شھر ۾ وڌندڙ سماجي براين تي سياسي سماجي ڌرين ۾ مايوسي ڇانيل آھي شھرين ۽ سياسي سماجي ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ٻي صورت ۾ سماجي براين خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو