ٽورنامنٽ کان اڳ آسٽريليا کي ڌڪ، اهم بيٽسمين ورلڊ ڪپ کان ٻاهر

ٽورنامنٽ کان اڳ آسٽريليا کي ڌڪ، اهم بيٽسمين ورلڊ ڪپ کان ٻاهر

ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوش انگلس ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب جوش انگلز گذريل ڏينهن سڊني ۾ گولف کيڏڻ دوران زخمي ٿي پيو هو ۽ ان دوران سندس هٿ تي ڪٽ پئجي ويو، جنهن بعد ڪرڪيٽر کي اسپتال نيو ويو جتي سندس زخم جو معائنو ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب ڪٽ ايترو اونهو ناهي پر ان کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا.جوش انگلز آسٽريليا جو پهريون چونڊيل وڪيٽ ڪيپر ناهي ۽ ميٿيو ويڊ آسٽريليا جي پلينگ اليون ۾ شامل آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب ٽيم انتظاميا بيڪ اپ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لاءِ دماغي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو