ڪنب ۾ نوجوان ۽ ڏيپلو ۾ عورت خود ڪشي ڪري ڇڏي

ڪنب ۾ نوجوان ۽ ڏيپلو ۾ عورت خود ڪشي ڪري ڇڏي

ڪوٽڏيجي/ ڏيپلو(نمائندن وٽان) ملاح پاڙي جي رهواسي منٺار علي پٽ ديدارعلي ملاح بيروزگاري کان تنگ ٿي ڪارو پٿر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. سندس والدين سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان منٺار علي بيروگار هو هن بيروزگاري کان تنگ ٿي صالح پٽ ۾ مائٽن وٽ هن ڪارو پٿر پي زنگي جو انت آندو آهي, غلام الله سيال موجب هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي پٽ پنهنجي موت پاڻ مئو آهي , ڪنهن ۾ به ڪوئي شک نه آهي ,جڏنهن ته صالح پٽ پوليس شڪ جي بنياد تي صدام حسين ملاح کي گرفتاري ڪيو آهي.  *** ڏيپلومان فرمان بجير موجب ڳوٺ گجو چارا ۾ نوجوان شادي شدھ ناري امينا  زال يوسف خودڪشي  ڪري ڇڏي. پوليس سر زمين تي پھچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال آندو۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او موجب عورت کي مرگھي جي بيماري هئي جنهن سبب خودڪشي ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو