اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا الله ثناءُ چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان کي اسلام آباد حملي جو لائسنس ملي ويو.راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا الله ثناءُ چيو ته جٽا ڪلچر اختيار ڪيو ويو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، جيڪڏهن چونڊون ۽ مقرريون جٿن ذريعي ٿينديون ته پوءِ آئيني مدت ختم ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي.هن چيو ته چونڊ شڪست جو سبب مهانگائي ۽ بجلي جا بل آهن.راڻا الله ثناءُ جو چوڻ آهي ته واپڊا جي بلن سبب عمران خان 15 کان 20 هزار ووٽ وڃائي ويٺو، باقي صوبائي حڪومتن کي مدد ملي.گهرو وزير اهو به چيو ته ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سبب مهانگائي وڌي.










