اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي 7 تڪن تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ عمران خان اميدوار هو، کيس 6 سيٽن تي ڪاميابي ۽ هڪ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.هن 2018ع جي عام چونڊن ۾ 5 سيٽون کٽڻ سان گڏ ضمني چونڊن ۾ 6 سيٽون کٽڻ جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.ننڍي چونڊ ۾ عمران خان اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب ۽ اين اي 239 ڪراچي تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.کين اين اي 237 تان شڪست ملي.واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جو باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ئي وقت 5 تڪن تان چونڊ وڙهيو هو، جنهن ۾ هن 4 تڪن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ هڪ ۾ شڪست کاڌي هئي.










