شيخ رشيد کي 7 ڏينهن اندر لال حويلي خالي ڪرڻ جو حڪم

شيخ رشيد کي 7 ڏينهن اندر لال حويلي خالي ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) متروڪ وقف ملڪيت بورڊ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي لال حويلي خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر طرفان شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق کي لال حويلي سميت لاوارث وقف ملڪيتن جي 7 زمينن مان نيڪالي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 7 ڏينهن اندر قبضا خالي ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ پوليس بي دخل ڪندي.متروڪه وقف پراپرٽي بورڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان به پوليس جي مدد لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي خط لکي ڇڏيو آهي.خط ۾ 19 آڪٽوبر تي 7 زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس کان مدد گهري وئي آهي.ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر جو چوڻ آهي ته متروڪ وقف املاک جي 7 زمينن جي ڪيس ۾ لال حويلي سميت ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديق ڪو به مستند دستاويز پيش نه ڪري سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو