نيب اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي طلب ڪري ورتو

نيب اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي طلب ڪري ورتو

لاهور: (بيورو رپورٽ) نيب لاهور اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کي طلب ڪري ورتو آهي.نيب لاهور اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي طلب ڪري ورتو آهي.نيب طرفان شهزاد اڪبر کي 21 آڪٽوبر تي لاهور نيب آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ مختلف کاتن ۾ مقررين جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.نيب لاهور مرزا شهزاد اڪبر کي 22 سوالن تي سوالنامو به جاري ڪيو ويو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته شهزاد اڪبر 21 آڪٽوبر تي صبح 11 وڳي لاهور آفيس ۾ پيش ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو