پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي طرفان هيلٿ رسڪ الاؤنس جي ڪٽوتي خلاف احتجاج

پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي طرفان هيلٿ رسڪ الاؤنس جي ڪٽوتي خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن س )اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽرس ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي طرفان هيلٿ رسڪ الاؤنس جي ڪٽوتي خلاف احتجاج، خبرموجب: رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف عملي پاران سنڌ ڪيبينٽ پاران ڪيل فيصلي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو،ڊاڪٽرس اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالستار لنجو خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي هر وبا ۾ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ خدمت ڪندي ڪيترن ئي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ شهادت قبول ڪئي هن بدترين مهنگائي جي دور ۾ ملازمن جو پنهنجي زندگي جي سفر گذر جو ڪارونهوار انتهائي ڏکيو آهي اتي وري سنڌ گورنمينٽ طرفان طبي عملي کي ملندڙ هيلٿ رسڪ الائونس کي ڪٽي ڇڏيو آهي.اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ هيلٿ رسڪ بحال نه ڪيو ته باقائده اسپتال جي مڪمل بائيڪاٽ ڪري وزيراعلي هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. پي ايم اي جي اڳواڻي ڊاڪٽر عبدالستار لنجو ۽ پيراميڊيڪل الائينس جي اڳواڻي صوبدار نهڙي، تلسيداس، برڪت بجير، سريش سنجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو