ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي چيف جسٽس محمد نور مسڪنزئي تي عشا جي نماز دوران مسجد ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو، کيس سول اسپتال خاران منتقل ڪيو ويو. اڳوڻو چيف جسٽس محمد نور مسڪنزي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، صوبائي صلاحڪار گهرو مير ضياءُ الله لانگو پاران اڳوڻي چيف جسٽس نور محمد مسڪينزئي تي حملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،ڊپٽي ڪمشنر کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،گهرو صلاحڪار مير ضياءَ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي اسپيشل ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،وزير چيوته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن










