عمران حڪومت سرنگون وڇايون ، 6 مهينن ۾ مسئلا حل نه ٿيندا: ڊار

عمران حڪومت سرنگون وڇايون ، 6 مهينن ۾ مسئلا حل نه ٿيندا: ڊار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته 4 سالن ۾ پيدا ٿيل مسئلا 6 مهينن ۾ حل نه ٿيندا.هڪ انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ کي ريڊ زون ۾ احتجاج لاءِ اچڻ نه ڏنو ويندو، ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو آهي، عمران خان کي سياست جو لت آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت لينڊ مائنز لڳائي ڇڏي آهي، گذريل 4 سالن ۾ پيدا ٿيل مسئلا 6 مهينن ۾ حل نه ٿيندا.اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ بعد الوداع چئي رهيو آهيان.ناڻي واري وزير چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پيرس ڪلب ۾ نه ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو