واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هڪ تاريخي مشن ۾ ڌرتيءَ کي ايسٽروڊ جي ٽڪرن کان بچائڻ لاءِ، ناسا پاران ڌرتيءَ تان موڪليل هڪ تجرباتي خلائي جهاز اسٽروڊ ڊيمورفوس کي تباهه ڪري ڇڏيو.آمريڪي خلائي اداري ناسا جو ڌرتيءَ کي اسٽريوڊس جي اثر کان بچائڻ جو تاريخي مشن ڪامياب ٿي ويو آهي.ناسا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌرتيءَ تان موڪليل تجرباتي خلائي جهاز (ڊارٽ) اسٽريوڊ (ڊيمورفوس) سان ٽڪرائجي ويو ۽ پنهنجو رخ تبديل ڪري ڇڏيو.ناسا جي سربراهه چيو ته اسان ڏيکاريو آهي ته ناسا ڌرتيءَ جي محافظ طور سنجيده آهي.ياد رهي ته 26 سيپٽمبر (ڊارٽ) خلائي جهاز 23500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اسٽرائيڊ سان ٽڪرائجي ويو هو، جنهن ان اسٽريوڊ جو مدار تبديل ڪري ڇڏيو هو.پرڏيهي ميڊيا موجب ان طريقي کي ڌرتيءَ جي طرف وڌڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ اهم دفاعي هٿيار قرار ڏنو پيو وڃي.










