ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ننڍن هارين کي زرعي شين جهڙوڪ ٻج ۽ ڀاڻ تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن اهي پنهنجي ايندڙ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ جي پيداوار ۾ واڌارو ڪري سگهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت (سنڌ) هارين خاص ڪري ننڍن هارين جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن کين ٻڏل زرعي زمينن کي پوک لاءِ موزون بڻائي سگهجي ۽ وڌيڪ چيو ته خريف جي فصلن دوران هارين کي گهڻو نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ سندن تيار فصل تباهه ٿي وئي. وڏي وزير چيو ته ربيع جي فصلن لاءِ زرعي سبسڊي لاءِ 100 ملين ڊالر مختص ڪري سگهجن ٿا جنهن تي اجلاس ۾ پڻ اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته وڏي وزير جي زراعت بابت صوبائي وزير منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته هو دنيا جي زرعي شعبي ۾ طريقن جي ترقيءَ ماڻيندڙ بئنڪن جي ماهرن سان کاتيجاتي اجلاس ڪري. گھرن جي تعمير: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دوري تي آيل ڊونر ايجنسي جي وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت هڪ هائوسنگ ڪمپني ٺاهي آهي جيڪا SECP طور رجسٽرڊ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ورلڊ بينڪ جي گهرج موجب خالد شيخ کي ڪمپني جو پهريون سي اي او مقرر ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هن ڪمپني ۾ 500 رپيا سيڊ مني رکيا آهن ۽ ان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز (بي او ڊيز) کي نامزد ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته عالمي بئنڪ اڳ ۾ ئي شديد برساتن ۽ ٻوڏن دوران ڊهي پٽ ٿيل گهرن جي بحاليءَ لاءِ 110 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ اصولي رضامندي ظاهر ڪري چڪي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ابتدائي سروي موجب 18 لک گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿيا آهن ۽ مناسب سروي جاري آهي. اجلاس ۾ تيز برساتن/ٻوڏ سبب تباهه ٿيل آبپاشي نظام جي بحالي تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن لاءِ 370 ملين ڊالرن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فلڊ پروٽيڪشن بندن، منڇر ڍنڍ، درياهه جا ٻيا پشتا، ڪئنال ريگيوليٽر ۽ ڊرينيج سسٽم کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي بئنڪن کي مضبوط ڪرڻ، ريگيوليٽرز ۽ ڊرينيج سسٽم جي مرمت ڪندي ايندڙ سال جي چوماسي مند لاءِ تياري ڪرڻي آهي ۽ وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت اهڙن اوور هالنگ ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ چاهي ٿي. ورلڊ بينڪ جي ٽيم سنڌ حڪومت کي چيو ته منصوبن جو پي سي ون تيار ڪري صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي لاڳاپيل فورمن مان منظور ڪيو وڃي ته جيئن ڊسمبر ۾ ورلڊ بينڪ جي بورڊ اجلاس ۾ منظوري لاءِ غور ڪيو وڃي. وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ورلڊ بئنڪ جي ڊيڊ لائن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري ڪاغذ تيار ڪري منظوري وٺي. پاڻيء جي فراهمي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري چيف مسٽر ناجي وچ ۾ 94 ملين ڊالرن جي واٽر سپلاءِ منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. منصوبي تحت ٻوڏ دوران تباهه ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيمن کي بحال ڪيو ويندو يا وري تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ منصوبي جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن ان کي شروع ڪري سگهجي.










