ڀارتي وزيراعظم جو ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي: پاڪستان

ڀارتي وزيراعظم جو ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي گجرات جلسي ۾ والاريل ڪشمير بابت ڏنل بيان رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي وزيراعظم بي بنياد دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪشمير مسئلو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حل ڪيو آهي، ڀارتي وزيراعظم جو اهو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ڀارتي وزيراعظم جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي.ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي ۽ اهو تڪرار 1948ع کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن باوجود ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو آهي، ڪشمير مسئلي جو واحد حل ڪشميرين کي ووٽ جو حق ڏيڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو