ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي، هوءَ پنهنجي والدين سان گڏ پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام ذريعي ڪراچي پهتي.ان موقعي تي ڪراچي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا.ذريعن موجب، سنڌ جي گهرو کاتي پاران اڳ ۾ ئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ملالا يوسفزئي جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ پوليس جو هڪ اسپيشل يونٽ کيس سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيو آهي. 25 ورهين جي ملالا يوسفزئي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي. ملالا يوسفزئي دادو ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي.ملالا يوسفزئي به شايد ملالا فنڊ مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندي.










