روسي ميزائل حملا، آمريڪي ۽ يوڪرين جي صدرن ۾ فون تي رابطو

روسي ميزائل حملا، آمريڪي ۽ يوڪرين جي صدرن ۾ فون تي رابطو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)يوڪرين تي روسي ميزائل حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي يوڪريني هم منصب ولاديمير زيلنسڪي سان فون تي رابطو ڪيو آهي.وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران يوڪرين کي جديد دفاعي ايئر سسٽم ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته صدر جو بائيڊن سان فضائي دفاع بابت مفيد بحث ٿي چڪو آهي.هن چيو ته هن وقت فضائي دفاع اسان جي دفاعي تعاون ۾ اولين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو