ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي غور ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حريم شاهه جي سڪيورٽي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران حريم شاهه جي وڪيل چيو ته حريم شاهه کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي، جڏهن حريم شاهه ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي ته کيس روڪيو ويو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون.ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي درخواست تي نظرثاني جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته حريم شاهه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.جنهن بعد عدالت حريم شاهه جي حفاظتي ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي.










