رياست مخالف بيان: جاويد لطيف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

رياست مخالف بيان: جاويد لطيف جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جاويد لطيف جي رياست مخالف بيان تي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ 18 آڪٽوبر تي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ن ليگ اڳواڻ کي ان ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي.پنجاب حڪومت پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب ذريعي جاويد لطيف جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.رياست مخالف بيان ڏيڻ تي جاويد لطيف خلاف گرين ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، سيشن ڪورٽ سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو