حيدرآباد (ن س)حيدرآباد نيو سبزي منڊي ڀرسان ڪولڊ اسٽوريج ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 4 ملازم بيهوش ٿي ويا.پوليس موجب ڌماڪي سبب ڪولڊ اسٽوريج جي گيس لائين فٽ ٿي وئي، جنهن سبب گئس پکڙجي وئي.گيس ليڪ ٿيڻ سبب فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن سميت علائقي جا 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جتي کين ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب آڪسيجن ڏني وئي.اسپتال انتظاميا موجب سمورن زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.










