اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو هڪ ٻيو مبينا آڊيو ليڪ ٿي ويو آهي.آڊيو ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ”سائيفر جو اثر سڄي دنيا ۾ هليو ويو آهي.عمران خان جي آواز ۾ چيو پيو وڃي ته حڪمت عملي اها آهي ته عوام اسان سان گڏ آهي. آڊيو ۾ چيو پيو وڃي ته مير جعفر ۽ مير صادق جو داستان اوهان ماڻهن کي فيڊ ڪرڻو آهي نئين جاري ڪيل آڊيو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اسد عمر خطاب ڪندي چيو آهي ته اسد عمر ٻي ڳالهه آهي، هاڻي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو خط والا ناهي، اهو هڪ هفتو ڏهه ڏينهن اڳ شروع ٿيڻ گهرجي ها.مبينا آڊيو ۾ عمران خان چئي رهيو آهي ته ان خط جو سڄي دنيا ۾ وڏو اثر پيو آهي، اسان اهو ئي سوچي رهيا آهيون.شيرين مزاري آڊيو ۾ چئي رهي آهي ته چينين سرڪاري بيان جاري ڪيو آهي.










