اسلام ڪوٽ(ن س )اسلام ڪوٽ شهر گندگي جي ور چڙهيل،مليريا سميت مختلف بيمارين جنم ورتو،شهري پريشان،صفائي عملي سميت ڊيلي ويجز تي ڀرتي ٿيل سفيد پوش ملازم ڊيوٽين تان غائب خبرموجب:اسلام ڪوٽ شهر انتظامي لاپرواهي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ٽائون انتظاميه جي لاپرواهي سبب شهر جا مختلف محلا مکي محلا،بجير،ڪنڀار،ميگهواڙ،ٺڪر،سوٽهڙ،لوهار پاڙن سميت مختلف محلا گليون گندگي جي ور چڙهي ويا آهن گند ڪچهري جا ڍير لڳل هجڻ سان گڏ ناليون ابتيون وهڻ ڪري مختلف هنڌن تي گٽرن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي جنهن سبب نه صرف شهري سخت پريشان آهن پر مڇرن جي آزار سبب مليريا سميت مختلف بيمارين جنم ورتو آهي ۽ روزانو مختلف پرائيويٽ ليباريٽرين سميت سرڪاري اسپتال ۾ مليريا ۽ ڍينگي جا پازيٽو ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن هوڏانهن شهرين ڊاڪٽر اشوڪ مکي ۽ ٻين موجب شهر ۾ گندگي جي آزار سبب محلن ۽ پاڙن ۾ هرطرف بدبوء وارو ماحول آهي شهرين جو جينئڻ جنجال ٿي ويو آهي ٽائون ڪاميٽي ۾ سواء ڪرپشن جي ٻيو ڪوبه ڪم ناهي ٿي رهيو انتظاميه تازو رٽائرڊ ملازمن کي ٻيهر رکي حاضر سروس دادلن ملازمن سان گڏجي ڪرپشن ڪرڻ ۾ رُڌل آهي صفائي ڪندڙ عملو گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي ڊيلي ويجز تي 50 کان مٿي ملازم رکيل آهن پر نظر چار کان پنج اچن ٿا ٻيا سفيد پوش گهر ويٺل آهن شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو پر صفائي به نٿي ٿئي اسان جي مکي محلي سميت سموري شهر جي حالت بري آهي اسان ڊي سي ٿر سميت اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪريون ٿا ته ترت نوٽيس وٺي ٽائون سان لاڳاپيل شهر جا جائز مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي.










