شهباز گل جي اڊيالا جيل بابت انڪشاف

شهباز گل جي اڊيالا جيل بابت انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل اڊيالا جيل بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پوليس جي جيل اچڻ تي قيدين جون اکيون هيٺ ڪرڻ جا حڪم آهن، اڊيالا جيل ۾ 50 کان وڌيڪ ذهني مريض آهن.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيل سڌارا ٿيڻ گهرجن جيڪي سياستدانن کي ڪرڻ گهرجن.ان موقعي تي صحافي شهباز گل کان سوال ڪيو ته اوهان تي جيل ۾ تشدد ڪيو ويو، ڇا اوهان ڪيس داخل ڪندا؟جنهن جي جواب ۾ شهباز گل چيو ته وڪيل جيڪو چوندا ان تي عمل ڪندس.شهباز گل چيو ته ڪيس تي هاءِ ڪورٽ جا واضع حڪم آهن ته ڳالهيون نه ڪيون، منهنجي ڪيس ۾ ڳالهيون پنهنجي مرضي سان ڪيون ويون.هن وڌيڪ چيو ته مون آمريڪا جي ٻئين وڏي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت تائين پروفيسر جي حيثيت سان پڙهايو، آمريڪا ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جو خواب هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو