ڪراچي: ملير ۾ رينجرز تي فائرنگ، 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي: ملير ۾ رينجرز تي فائرنگ، 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي قائد آباد ملير ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا.سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس ملير عرفان علي بهادر موجب واقعو قائد آباد جي علائقي کھوئي گوڙ ۾ درياهه ڀرسان پيش آيو.شروعاتي اطلاعن موجب علائقي ۾ ڦر جي واقعي جي اطلاع تي رينجرز اهلڪار موجود هئا.ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب ملير ۾ رينجرز اهلڪار چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 نوجوانن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جيڪي روڪڻ بدران فرار ٿي ويا.هن اهو به چيو ته موٽرسائيڪل تي سوار رينجرز اهلڪارن جڏهن انهن نوجوانن جو تعاقب ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ رينجرز اهلڪارن به فائرنگ ڪئي.جوابدارن جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.ٻنهي زخمي رينجرز اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو