سينيٽ ڪميٽي پاران ٽرانسجينڊر بل تي وڌيڪ مشاورت جو فيصلو

سينيٽ ڪميٽي پاران ٽرانسجينڊر بل تي وڌيڪ مشاورت جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپوٽ) سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي ٽرانسجينڈر بل تي وڌيڪ مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي.سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڪٽ 2018ع ۾ خواجہ سرا کي حق ڏنا ويا آهن پر ان ۾ شادي جو ڪو به ذڪر ناهي.فرحت الله بابر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پهريان بل جي حق ۾ راءِ ڏني، بعد ۾ چيو ته اها سندس ذاتي راءِ آهي، اداري جي نه، هڪ ٽاسڪ فورس به قائم ڪئي وئي، اهو سڀ ڪجهه غير اسلامي ناهي.ٻئي طرف جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد 4 سال اڳ منظور ٿيل جنس پرست قانون کي غير اسلامي قرار ڏنو پر ڪميٽي سندس راءِ سان اتفاق نه ڪيو.انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر معاملو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ سينيٽ ۾ نه موڪلڻ تي دليل ڏيندي چيو ته ڪميٽي پنهنجا اختيار ڪنهن ٻئي کي نه ڏئي، پهرين معاملي تي غور ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ڪميٽي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ته ٽرانس جينڈر تي وڌيڪ غور ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو