لاهور(وين ڊيسڪ) ريلوي کاتي ڀاڙن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب خيبر ميل لاهور کان ڪراچي اي سي سليپر جو ڀاڙو 11 هزار رپيا، خيبر ميل اي سي بزنس جو ڀاڙو 8 هزار رپيا جڏهن ته خيبر ميل اي سي اسٽينڊرڊ جو ڀاڙو 4 هزار 200 رپين مان وڌائي 4 هزار 200 رپيا ڪيو ويو آهي. خيبر ميل اڪانومي ڪلاس جو ڀاڙو 7 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه لاهور کان ڪراچي اڪانومي ڪلاس قراقرم ايڪسپريس جو ڀاڙو 3 هزار رپيا، قراقرم ايڪسپريس اي سي بزنس جو ڀاڙو 9 هزار رپيا ۽ اي سي اسٽينڊرڊ جو ڀاڙو 8 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. لاهور کان ڪراچي ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جو ڀاڙو 9 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، ڪراچي ايڪسپريس جو ڀاڙو 5 هزار 700 مان وڌائي 7 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، ڪراچي ايڪسپريس جو ڀاڙو لاهور کان ڪراچي اي سي اسٽريڊر ڪلاس جو ڀاڙو 9 هزار رپيا ڪيو ويو آهي ڪراچي ايڪسپريس اڪانومي ڪلاس جو ڀاڙو 4 هزار 150 مان وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.لاهور کان ڪراچي تائين رحمان بابا ايڪسپريس اي سي بزنس جو ڀاڙو 9 هزار رپيا، رحمان بابا اي سي اسٽينڊرڊ جو ڀاڙو 8 هزار رپيا، رحمان بابا ٽرين جي اڪانومي ڪلاس جو ڀاڙو 3 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.لاهور کان ڪراچي تائين اي سي بزنس ڪلاس جو ڀاڙو 7 هزار رپيا، پاڪ بزنس ايڪسپريس جو اي سي معياري ڀاڙو 5 هزار رپيا ۽ اڪانومي ڪلاس جو ڀاڙو 3 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ريلوي جا نوان ڀاڙا فوري طور تي لاڳو ٿيندا، لاهور کان ڪراچي ٽرينون 5 آڪٽوبر کان بحال ٿينديون.










