اسلام آباد(بيورورپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ شهباز گل کي بغاوت جي ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.شهباز گل ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا کي جج مقرر ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران شهباز گل عدالت مان غير حاضر رهيو ۽ پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ شهباز گل کي 6 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.پوليس شهباز گل خلاف چالان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن تي شهباز گل کي ٽرائل لاءِ طلب ڪرڻ جو سمن جاري ڪيو ويو آهي.










