ڪشمير جو خصوصي درجو ختم،خطو ٻن حصن ۾ تقسيم

نئين دلي( ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت صدارتي فرمان ذريعي ڪشمير جو خصوص درجو ختم ڪندي خطي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بابت بل ايوان بالا ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ايوان بالا م اپوزيشن جو شديد هل هنگامو ۽ احتجاج. تڪڙ ۾ جاري ڪيل صدارتي فرمان سبب انڊيا جي آئين جو آرٽيڪل 370 غيرفعال ٿي ويو آهي جنهن هيٺ ڪشميرين کي خصوصي درجو حاصل هو ۽ اڪثريتي مسلم آبادي وارن علائقن ۾ ڀارت جي شهرين جي جائيداد جي خريداري تي پابندي هئي. ان حد تائين ان قانون ۾ هو ته جيڪڏهن ڪا به ڪشميري عورت خطي کان ٻاهر شادي ڪندي ته سندس مالڪاڻو حق ختم ٿي ويندو هو.

هاڻي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو جائيداد خريد ڪري سگهندا ۽ اڪثريتي مسلم علائقا اقليت ۾ بدلجي ويندا. ڀارت جي گهرو کاتي جي وزير اميت شاهه جيڪو حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي جو صدر به آهي تنهن ايوان بالا ۾ بل پيش ڪيو. جنهن موجب والاريل ڪشمير جي خطي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ حصو جمون ۽ ڪشمير ۽ ٻيو حصو هماليا ۽ لداخ تي مشتمل هوندا ۽ يونين جو حصو هوندا. ڀارتي ميڊيا موجب 8 هزار اضافي پوليس جي نفري والاريل ڪشمير پهچائي وئي آهي، ڪشميري سڄي سياسي قيادت گهرن ۽ جيلن ۾ قيد آهي، ٽيليفون، انٽرنيٽ منقطع آهي. ياسين ملڪ جي زال چيو آهي ته تهاڙ جيل ۾ قيد سندس مڙس جي وفات جا افواهه هلي رهيا آهن. هوڏانهن اڄ پاڪستان ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ملڪ جي مختلف شهرن سميت سنڌ جي به ننڍن وڏن شهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ جلوس ڪڍي خصوصي تقربون منعقد ڪري ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي ڪشميرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو