ڌاڙيلن ماءُ جي چوڻ تي 2 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڌاڙيلن ماءُ جي چوڻ تي 2 ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

سکر(بيورو رپورٽ) ڌاڙيلن ماءِ جي چوڻ تي رحم کائي ٻن مغوين کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل سکر واسي 2 سڳا سئوٽ بازياب ٿي گهر پهچي ويا. سکر جي علائقي بچل شاهه ۽ دادو ڪئنال واسي ٻئي مغوي لياقت علي پٽ محمد علي ملڪ ۽ گلزار پٽ گلبهار ملڪ پاڻمرادو بازياب ٿي گهر پهتا، ٻئي نوجوان پاڻ ۾ سئوٽ آهن. بازياب ٿيل نوجوانن جو چوڻ هو ته هو ڇوڪرين سان فون تي ڳالهائيندا هئا، جن ملڻ لاءِ ڪشمور واري پاسي گهرايو ۽ پوءِ کين اغوا ڪيو ويو. ڏيڍ مهيني تائين کين زنجيرن سان ٻڌو ويو هو، وڏي تڪليفن کي منهن ڏنو. هنن ٻڌايو ته، ڌاڙيلن پهريان فون ڪري وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ گهريو، وارثن غربت سبب پيسا ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي، پوءِ ڌاڙيلن 20 ۽ آخر ۾ 3 لک رپيا ڀنگ ڏيڻ جو چيو پر، غريب وارثن پاران مڪمل انڪار تي ڌاڙيل کين تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا. نوجوانن ٻڌايو ته قيد دوران هڪ ڏوهاري جي امڙ ڌاڙيلن کي چوندي هئي، ويچارا غريب آهن، کين ڇڏي ڏيو، وڃي گهرعيد ڪن. جنهن بعد ڏوهارين کي رحم آيو ۽ هنن کين اکين تي پٽيون ٻڌي پڪي طرف ڇڏي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو