ساوند برادري جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ساوند برادري جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) 25 ڏينھن گذرڻ باوجود ساوندبراري جا اغواٿيل ٻه نوجوان معشوق علي۽ شھاب الدين جي بازياب نه ٿيڻ خلاف ساوندبرادري جي سوين ماڻھن مقدم جھانگيرساوند جي اڳواڻي ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي مغوين جي بازيابي ،امن امان بحال ڪرڻ ۽ ڪرپٽ پوليس آفيسرن کي فوري ھٽائڻ جومطالبوڪندي ڪوھ نورفلورمل سامھون نيشنل ھائي وي تي ٽائرساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻوھنيو. ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانھن ايندڙ ويندڙ مسافر ڪوچن سميت سوين گاڏيون بيھجي ويون جنھن سبب مسافر گرمي ۾ تڙپندارھيا ۽ احتجاجي ڌرڻو ٽي ڪلاڪ جاري رھڻ بعد ڊي.ايس.پي رحمت الله ۽ ٻين پوليس آفيسرن جي خاطري ڪرائڻ تي ختم ڪيو ويو. جڏھن ته ان موقعي تي جھانگيرساوند ٻڌايو ته پوليس ٻن ڏينھن جي مھلت گھري آھي ۽ ٻن ڏينھن اندر بازياب نه ڪرايا ويا ته ٻيھر ٽن ڏينھن لا۽ ڏينھن رات ڌرڻوھنيوويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو