پاڪستان پنجين ميچ انگلينڊ کان 6 رنز تان کٽي ورتي

پاڪستان پنجين ميچ انگلينڊ کان 6 رنز تان کٽي ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) بظاهر 146 رنز جي آسان ٽارگيٽ لاءِ انگلينڊ جو ٽاپ ۽ مڊل آردر بيٽنگ ناڪام رهيو. پهرين اوور ۾ ايلڪس هيلز هڪ رن ٺاهي نواز جي بال تي ساداب هٿان ڪيچ ٿيو. 19 جي اسڪور تي فل سالٽ به 3 رنز ٺاهي حارث جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. ڊيوڊ ملن کي 36 جي ذاتي اسڪور تي افتخار ايل بي دبليو ڪيو، بين ڊڪٽ وسيم جي بال تي شان مسعود هٿان 10 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، هيري بروڪ کي 4 رنز ٺاهڻ بعد شاداب ايل بي ڊبليو ڪيو، سيم ڪرن کي نئين بالر عامر جمال جي بال تي محمد وسيم ڪيچ ڪيو، هن 17 رنز ٺاهيون. جنهن بعد ڪپتان معين علي ۽ ڪرس ووڪس اسڪور اڳتي وڌايو. پاڪستاني اسپنر ميچ تي ڇائنجي ويا. 17 هين اوور حارث کي معين ڇڪو هنيو ان کان اڳ وسيم کي چوڪو لڳو هو ۽ انگلينڊ جو اسڪور اڳتي وڌندو رهيو. آخري ٽن اوور ۾ انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 40 رنز گهربل هيون. 19هين اوور ۾ حارث کي معين علي وري ڇڪو هنيو پر هن 10 رن ٺاهيندڙ ڪرس ووڪس ڪيچ ڪرائي وڪيٽ به ورتي. 131 تي 7 آئوٽ ٿيا. آخري اوور عامر جمال ڪرايو 15 رنز گهربل هيون، 2 بال مس ڪرائي ٽيون بال وائيد ڪرايو. 4 بالن تي 14 رنز گهربل هيون، چوٿين بال تي معين علي ڇڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪئي. ٽن بالن تي 8 رنز گهربل هيون، آخري بال تي 7 رنز انگلينڊ نه ٺاهي سگهي ۽ بابر اعظم جي بدترين ڪپتاني ۽ تمام وڏين غلطين باوجود پاڪستان 6 رنز تان ميچ کٽي ورتي. محمد نواز جنهن پهرين اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪري ڏنو ان رڳو 2 اوور ڪيا 9 رنز ڏنيون ان کي وري بالنگ نه ملي، عامر جمال پهرين اوور ۾ پنج رنز ڏئي وڪيٽ به ورتي ان کي به بالنگ نه ملي ۽ آخري اوور هن ڪرايو جنهن ميچ کٽرائي. محمد وسيم 32 رنز ڏئي هڪ ۽ حارث 41 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، افتخار ۽ شاداب چار چار اوور ڪرايا ٻنهي ترتيبوار 16 ۽ 25 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ انگلينڊ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. 17 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم 9 رنز ٺاهي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. 42 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود ڇهين اوور ۾ 7 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. 51 جي اسڪور تي حيدر علي، 81 تي افتخار ۽ 88 تي آصف علي به آئوٽ ٿي ويا. 88 تي محمد نواز ۽ 100 تي شاداب خان به آئوٽ ٿي ويا. 118 تي عامر جمال، 131 تي محمد رضوان ۽ 145 تي حارث رئوف آئوٽ ٿيو ۽ پوري ٽيم 19 اوورن ۾ آئوٽ ٿي وئي. رضوان 63، افتخار 15 ۽ عامر جمال 10 رنز ٺاهي ڊبل اسڪور ۾ پهتا باقي سڀ سنگل ڊجٽ اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا. بظاهر انگلينڊ کي هڪ آسان تارگيٽ مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو