مبارڪپور(قربان مهر) ٺل کان جيڪب آباد ويندڙ ويگن ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب بيگاري ڪئنال وٽ ڪلٽي ، 20 کان مٿي مسافر سخت زخمي ، زخمين کي علاج لاءِ جيڪب آباد نيو ويو. ويگن 3 ڪلٽيون کائي کاھي ۾ ڪِري پئي، ويگن ۾ ويٺل 20 کان مٿي مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن، ان حادثي ۾ مبارڪپور واسي اڪبر ڀٽو ۽ عبدالرسول ڀٽو به سخت زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي اتي بيٺل مقامي ماڻهن ويگن مان ڪڍي جيڪب آباد علاج لاءِ کڻائي ويا جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.










