مدئجي/ مٽياري(نويد احمد دل ۽ رياض چانڊيو) مدئجي لڳ ڳوٺ آباد جو رھواسي عبدالجبار ميراڻي ۽ مٽياري جي ڳوٺ جمعو شهوڪ جو رهواسي سپاهي نظام الدين وانا ۾ دھشثگردن هٿان شھيد ٿي ويا آهن.

ڪرنل ثاقب جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي دستي شهيد عبدالجبار جو لاش اباڻي ڳوٺ پهچايو. جتي جنازي نماز بعد کيس ھوائي فائرنگ ڪري سلامي پيش ڪرن بعد اباڻي قبرستان سليم شاھ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. فوجي آفيسرن، غوث بخش خان مهر۽ علائقي جي معززين عذر خواهي ڪئي.

شهيد عبدالجبار 2 معصوم پٽ علي جان ۽ علي خان ۽ ھڪ معصوم نينگري سابيا ۽ گھرواري سوڳوارن ۾ ڇڏي ويو. شھيد جي والد غوث بخش ميراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون کي اطلاع ڏنو ويو آھي ته تنھنجو پٽ وانا ۾ دھشتگردن ھٿان شھيد ٿي ويو آھي جنھن کان پوء اسان ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو. ھن وڌيڪ چيو ته مونکي فخر آھي ته ملڪ جي خاطر منھنجي پٽ شھيد ٿيو آھي. هوڏانهن مٽياري ويجهو ڳوٺ جمعو شهوڪ جو فوجي جوان سپاهي نظام الدين ولد محمد شريف ڀچو شمالي وزيرستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو نظام الدين ڀچو يونٽ 20 ايف ايف شمالي وزيرستان ۾ ملڪان پوسٽ فائر ۾ شهيد ٿيو شهيد جي جنازي نماز کيبر ويجهو ڳوٺ جمعو شهوڪ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد پونئرن ۾ هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ۽ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي.










