ڪشمور(جي ايم کوسو) ڪنڌڪوٽ جي سيشن جج سيد غلام شاھ جي حڪم تي فرسٽ سول جج اينڊ جڊيشل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي تعلقه ڪشمور جي سول اسپتال تي اوچتو ڇاپو، ڊاڪٽرن ۽ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. اسپتال ۾ مريضن صفائي نه ھجڻ دوائون نه ملڻ ۽ ليبارٽيز ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ جي نه ھجڻ جون شڪايتون ڪيون. تفصيلي معائني بعد جج صاحب ايم ايس ڪشمور کي 5 آگسٽ تي عملي جي کوٽ، طبي سهولتن جي تفصيل۽ دوائن جي ريڪارڊ سوڌو طلب ڪيو آهي. سول جج اينڊ جڊيشل مجسٽريٽ جناب عبدالوحيد عباسي اسپتال ۾ صفائي نه هئڻ، صحت جون سھولتون نه ھجڻ دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.










