ٺٽو ( ن س)نرسنگ ڪاليج مڪلي جي شاگردياڻين 3 مھينن کان وظيفو نہ ملڻ ۽ رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ خلاف نرسينگ ڪاليج کان ريلي ڪڍي سول اسپتال جي مک گيٽ اڳيان قومي شاھراھ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي رمشہ، ڪومل نازش، اميرزادي، فاطمہ ۽ ٻين چيو تہ اسان کي 3 مھينن کان وظيفو نٿو ڏنو وڃي، 30 ھزار رپين مان ڪٽوتي ڪري 11، 12 ھزار ڏنا پي ويا سي بہ بند ڪيا ويا آھن جيڪو اسان سان ظلم آھي، انتظاميہ اسان کي صرف دلاسا ۽ آسرا ڏي ٿي پر وظيفو نٿو ڏنو وڃي تنهن ڪري مجبور ٿي اڄ اسان روڊ بلاڪ ڪيو آهي نرسنگ اسٽاف ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










