پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڳو 8 پئسا فرق هوندو: ناڻي وارو وزير

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڳو 8 پئسا فرق هوندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڳو 8 پئسا جو فرق هوندو.مفتاح اسماعيل چيو ته رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جلد گهٽجي ويندو پر حڪومت ان ۾ مداخلت نه ڪندي.پيٽروليم شين جي قيمتن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڳو 8 پئسا جو فرق هوندو، حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو.مفتاح اسماعيل چيو ته آڪٽوبر تائين بجلي سستي ٿي ويندي، 300 يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ وارن لاءِ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪري ڇڏيا آهن، ايندڙ مهينن ۾ اهي چارجز وصول ڪيا ويندا يا نه، فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو