سنڌ حڪومت جي لاپرواهي،بدين ۽مٺي واسي روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

سنڌ حڪومت جي لاپرواهي،بدين ۽مٺي واسي روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

بدين(ن سنڌيار) سنڌ حڪومت جي لاپرواهي ، بدين ضلعي ۽ مٺي جي چونڊيل توڙي انتظامي نا اهلي سبب بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊو باگو جي ڇھن يوسيز مان ھڪ مھيني بعد به پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي آر ڊي 211 کان ڪٽ نه ھڻڻ واري معاملي تي علاقي جي ھزارين ڳوٺاڻن ھڪ ٻئي خلاف ھٿيار کڻي ورتا ، ٻنھي ڌرين جي ماڻھن شادي لارج موڙ ۽ نيوي چڪ وٽ صبح 9 وڳي کان ٽراليون بيھاري روڊ بند ڪري ڇڏيو ،مٺي کان ڪراچي ۽ بدين ويندڙ ۽ ڪراچي ۽ بدين کان ٿر ڪول مٺي ويندڙ سوين مسافر گاڏيون ۽ ٽريلا بيھي رھيا ،شام چار وڳي تائين ڪو به اعلي انتظامي آفيسر ۽ چونڊيل اسيمبلي ميمبر نه پھتو بدين پوليس جي اٺن پوليس موبائيل گاڏين ۾ سوار پوليس ٻنھي ڌرين کي جھيڙي ڪرڻ کان روڪيندي رھي . تفصيل موجب گذريل ھڪ مھيني کان ميرپور خاص جي علائقي جھڏي ۽ بدين جي علائقي حيات خاصخيلي سميت تعلقي ٽنڊو باگو جي ڇھن يوسيز ھر ھڪ خير پور گنبو يوسي ، سمن سرڪار ، بھادر چانڊيو يوسي ، پير بودلو يوسي ،ڏاڏا يوسي ۽ پنگريو ٽائون ڪاميٽي جي 200 ڳوٺن جي ھزارين ڳوٺاڻن پير عابد شاھ ، رضا علي کوسو ،اصغر ڪنبوھ ،پير راشد شاھ ۽ نديم جي اڳواڻي ۾ ھڪ ھزار کي مٿي لٺ برادري ماڻھون ٽريڪٽر ٽراليون کڻي شادي لارج ،کوسڪي موڙ وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ،ٽن ڪلاڪن بعد انھن مظاھرين شادي لارج اڳيان چيما پمپ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ،خير پور گنبو ،پنگريو ء سمن سرڪار جي ماڻھن ء اڳواڻن تقريرون ڪندي چيو ته اسان ھڪ مھيني کان تباھ تي رھيا آھيون اسان جا گھر ۽ ڪروڙن جا فصل ٻڏا پيا آھن ، ايل بي او ڊي کي 211 يا ٻئي ڪنھن متبادل ھنڌ تان ڪٽ ھڻي پاڻي نيڪال ڪريو ، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته وڌيڪ چار مھينا اسان ٻڏل رھنداسين ، ٻئي طرف شادي لارج ، قبائلي چڪ ، ڪلوئي ،ڏيپلي ۽ ڀرپاسي جي ھزارين ڳوٺاڻن لٺين ،ڪھاڙين ء بندوقن سان ليس ٿي نيوي موڙ تي ٿر ڪول روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن الله نواز اياز پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته آر ڊي 211 تي ڪٽ ھنيو ويو ته لکين ماڻهو متاثر ٿيندا ڪروڙين روپين جا فصل تباه ٿي ويندا ان ڪري اسان ھن آر ڊي تي ڪٽ ھڻن نه ڏينداسين صبح نائين وڳي کان شادي لارج لڳ ٿر ڪول مين روڊ تي ٻن ھنڌن تي لڳل ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن سوين گاڏيون بيھي ويون جن ۾ مسافر گاڏين ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ ھو جيڪو سخت پريشان ھئا 7 ڪلاڪن کانپوء ڊي سي بدين آغا شاھنواز خان پٺاڻ ۽ ايس ايس پي بدين شاھنواز ڇاچڙ ڌرڻي واري جاء تي پھتا جن ٻنهي ڌرين طرفان مقرر ڪيل نمائيندن سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون جيڪي ھي خبر اچڻ تائين جاري ھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو