ارطغرل غازي جو اداڪار  سيلاب متاثرن لاءِ امداد کڻي سجاول پهچتو،راشن ورهايو

ارطغرل غازي جو اداڪار سيلاب متاثرن لاءِ امداد کڻي سجاول پهچتو،راشن ورهايو

سجاول ( ن سنڌيار) سجاول ۾ ترڪي جي مشهور ڊرامه سيريل ارطغرل غازي ۾ عبدالرحمان جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار سيلاب متاثرن لاءِ امداد کڻي سجاول پهچي ويو پهچي ويو، ترڪي جي اداڪار سجاول لڳ سيد پور وٽ بندن تي ويٺل ڪچي جي علائقن جي ٻوڏ متاثرن کي پنهنجي هٿن سان راشن تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي ترڪي جي اداڪار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ترڪي جي صدر طيب اردگان جي حڪم تي پنهنجن هٿن سان ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ آيو آھيان ان سان گڏ متاثرين کي فري ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي ڏني وئي آھي جتي انهن جو علاج ٿيندو ۽ دوائون پڻ ڏنيون وينديون . ترڪي جي اداڪار ٻوڏ متاثرين جي چهرن تي مرڪون وکيرڻ لاءِ کل ڀوڳ ۽ موج مستيون به ڪندو رهيو مسلسل مسڪرائيندو رهيو ۽ ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي پيار به ڪندو رهيو. ان موقعي تي سيد بچل شاھ پڻ موجود هو…ارطغرل غازي جو اداڪار متاثرن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پهتو آهي، امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. جڳ مشهور ڊرامي ارطغرل غازي ۾ عبدالرحمان جو ڪردار نڀائڻ وارو ترڪيا جو اداڪار جلال آل پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي. ڪراچي پهچڻ کانپوءِ ترڪ اداڪار سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور تي خدمتون سرانجام ڏيندي امدادي سامان جو ٻوريون پنهنجي ڪلهن تي ٻوڏ متاثرن جي خيمن تائين پهچايون. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جلال آل سنڌ جي ٻوڏ متاثرن سان گڏجي سڏجي امدادي سرگرمين ۾ شامل آهي. جلال آل انسٽاگرام تي ٻوڏ متاثرن سان گڏ هڪ وڊيو اپلوڊ ڪندي لکيو آهي ته ترڪيا زنده آباد، پاڪستان زنده آباد، ٻوڏ جي تباهين جي ڪري چار ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جڏهن ته هزارين ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿي ويون آهن. هن پنهنجي فالوورز کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل به ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو