ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) لغاري واھ وٽ ٽنڊوغلام حيدر پوليس چڙھائي ڪري ٽنڊومحمدخان ڪورٽ جي حاضري تان موٽندڙ نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. وارثن پاران اهڙو اطلاع بروقت عدالت کي ڏنو، جنهن هڪدم نوٽيس وٺي سول جج ذوالفقار علي ڪمبوه جي سربراهي ۾ ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي تي ڇاپو هنيو. جج پاران ايس ايڇ او کي 24 ڪلاڪن ۾ نوجوان جي گرفتاري ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف گم ٿيل مختيارعلي شاھ جي وارثن پاران ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. وارثن بابو شاهه، امير شاهه، اعجاز شاهه، ممتاز شاهه ۽ نورحسن شاهه جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوغلام حيدر پوليس خلاف احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان مختيار شاھ کي ظاهر ڪيو وڃي. هنن ٻڌايو ته با اثرن جي چرچ تي پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس ڦاسائي رهي آهي. هنن اعلي اختيارين ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي نوجوان کي ظاهر ڪيو وڃي.










