لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائينداسين. ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته سپر فور جي ميچ ۾ پاڪستان جي سريلنڪا خلاف وڙهندي نظر نه آئي.هن چيو ته اڄ انشاءَ الله پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائينداسين.ان موقعي تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سڪندر بخش چيو ته حقيقت اها آهي ته اسان هانگ ڪانگ خلاف ميچ سٺي نموني کٽي ورتي، ڪالهه ڪنهن به رانديگر سٺي راند نه ڪئي.هن چيو ته اسان جي بالنگ ڏاڍي مضبوط آهي، بيٽنگ ۾ خوف آهي.










