ٽسوري جي واپسي، ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر ڏار

ٽسوري جي واپسي، ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر ڏار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪامران ٽسوري جي واپسيءَ سان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏار پئجيو يا، رابطا ڪميٽي پاران ڪامران ٽسوري کي ڪنوينر جي عهدي تي بحال ڪرڻ بعد پارٽي ۾ اختلاف وڌي ويا رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪشور زهره لکت ۾ پنهنجا خدشا ريڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش کي سڀني جي راءِ چئي ٿاڦيو ويو آهي متحده جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر شهاب امام استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڊاڪٽر شهاب امام چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا ٻيا هم خيال به پارٽيءَ جي فيصلن مان مطمئن نه آهن ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي 5 فيبروري 2018 تي ڪامران ٽسوري ۽ فاروق ستار کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو