لاهور(ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر مل ريفرنس نيب ڏانهن موڪلڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي ٻنهي جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف رمضان شوگر مل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت نيب قانون ۾ ترميم جي روشني ۾ رمضان شوگر ملز ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.نيب آرڊيننس جي سيڪشن 5 ۾ 50 ڪروڙ کان گهٽ رقم جي غبن جا ڪيس نيب جي دائري کان ٻاهر آهن.شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي الزام آهي ته هن قومي خزاني کي استعمال ڪندي رمضان شگر ملز لاءِ گندگي جي نالن جي اڏاوت ڪئي. ان ڊرين جي قيمت 21 ڪروڙ 30 لک رپيا هئي، عدالت قرار ڏنو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 5 ۾ ترميم کانپوءِ رمضان شوگر ملز ريفرنس احتساب عدالت جي دائري کان ٻاهر آهي.ان موقعي تي عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت چيو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز 5-5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائين، ڪيس لاڳاپيل فورم ڏانهن منتقل ٿيڻ تائين شهباز شريف ۽ حمزا جي ضمانت ٿي رهي آهي.ريمارڪس ۾ عدالت چيو ته چيئرمين نيب اهو ڪيس لاڳاپيل فورم ۾ داخل ڪري.










