لاهور(م ڊ) آمدن کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ مريم نواز ۽ سندس سوٽ يوسف عباس کا ن نيب لاهور ۾ پڇا ڳاڇا، ٻئي چوڌري شگرملز۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي لڳايل سرمائي بابت جواب نه ڏئي سگهيا. نيب مريم کي لکت ۾ ڏنل سوالن ۽ زباني پڇيل سولان جا جواب 8 آگسٽ تي ٻيهر پيس ٿي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ٺوڪر نياز بيگ وٽ نيب جي آفيس ۾ پيش ٿين لاءِ جيئن مريم نواز پهتي ته مٿس ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪئي ۽ عمران خان خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ذريعن موجب نيب پاران مريم کان پڇو ويو ته چوڏري شگر ملز ۾ متحده عرب امارات جي شهرين سعيد سيد جبار السويدا ۽ نيصر عبدالله لوطا، برانيا جي شهري شيخ ذڪاءَ الله ۽ سعودي شهري حاني احمد جمجون ڪير آهن جن هن مل ۾ شيئر خريد ڪيا ۽ اهي بعد ۾ اوهان جي ڀائرن جي نالي منتقل ٿيا؟ هن ڪو به اطمينان بخش جواب نه ڏنو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان وٽ لنڊن ۽ مختلف ملڪن مان پرڏيهي ڪرنسي ۾ ايندڙ رقم ڪنهن، ڪٿان ۽ ڇو موڪلي ته ان جو به هن ڪو جواب نه ڏنو. ياد رهي ته مريم نواز چوڌري شگر ملز جي اهم ۽ وڏي حصيدار آهي.










