شهدادڪوٽ(ن س) شهدادڪوٽ ۾ ڦر جي انوکي واردات شاهي بازار جي منڍ ۾ واقع پنهنجي گهر کان دوڪان تي ويندڙ واپاري کان 3 هٿياربند قميض ۾ پيل پوڻا ٻه لک ۽ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا. 3 موٽرسائيڪل سوار هٿيار بند کنڊ ، گيھ ۽ اٽي جي واپاري عزيز الله شيخ کان قميض لهرائي فرار ٿي ويا ، هوڏانهن شيخ برادري سميت ٻيا واپاري شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪيو. متاثر واپاري عزيز الله شيخ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته گهر کان دوڪان وڃي رهيو هئس ته هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن تان انهن سندس ڪپڙا لاهي فرار ٿي ويا. هن چيو ته منهنجي قميض ۾ پوڻا ٻه لک روڪ ۽ موبائيل فون پيل هئي جيڪا لکڻي ويا. هوڏانهن شهر ۾ وڌندڙ ڦورن جي وارداتن ۽ امن امان جي خراب صورتحال تي شيخ برادري ۽ مختلف واپارين اي سيڪشن ٿاڻي ۽ بعد ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاج ڪيو.










