ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر برات جي وڏي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ طالبان جي حامي امام سميت 18 نمازي شهيد ۽ 21 زخمي ٿي پيا آهن.آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڌماڪو گزرگاهه نالي مسجد ۾ جمعي جي نماز کان اڳ ٿيو جنهن ۾ مسجد جو امام مجيب رحمان انصاري سميت 18 نماز شهيد ٿي ويا آهن.خبرون ڏيندڙ ادارن موجب برات پوليس جي ترجمان محمود رسولي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي شهرين ۽ گارڊز سميت مسجد جو امام مجيب رحمان انصاري شهيد ٿي ويا آهن.طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ان حوالي سان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حملي آورن کي سزا ڏني ويندي.عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب اڃان تائين ڪنهن به گروپ يا تنظيم طرفان ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي.










