لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ۽ خوبصورت ماڊل ايان علي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. حڪومتي قدمن سبب متاثرين تائين امداد پهچائڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته اسان ۽ اسان جي اين جي اوز گذريل هڪ هفتي کان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ايان علي چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۽ سموري دنيا مان ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي امداد جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته حڪومتي ادارن طرفان بينڪ اڪائونٽس ٺاهي رستا روڪيا پيا وڃن.وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اپيل آهي ته اهي مقامي ۽ انٽرنيشنل اين جي اوز کي آزاد طريقي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏين.ايان علي چيو ته سموري دنيا جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿي ته اهي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ اڳيان اچن. سرندي وارن کي اپيل آهي ته اهي پنهنجي امداد ڦهلائڻ بجاءِ ڪنهن به هڪ خاندان تي فوڪس ڪن ۽ ان جي ذميواري کڻن. اوهان ان خاندان کي ٻيهر آباد ڪري سگهو ٿا.










