عالمي برادري ضرورتمند پاڪستانين جي مدد ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

عالمي برادري ضرورتمند پاڪستانين جي مدد ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن جي هنگامي اپيل تي ڀرپور ردعمل ڏيندي ضرورتمند پاڪستانين جي مدد ڪئي وڃي، ڇو ته اسان کي نه رڳو رليف ريسڪيو ڪوششون ڪرڻيون آهن پر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير به ڪرڻي آهي.پرڏيهي آفيس ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ سبب سڌي ريت متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي عالمي برادري جي مدد جي ضرورت آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ هيٽ ويو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڪلائونڊ برسٽ ۽ طوفاني برساتن سان ٻوڏ آئي، ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ڪرڻي آهي.سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن تائين کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، امداد تي دوست ملڪن ۽ عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان کي خيمن ۽ مڇر داڻين جي تمام گهڻي ضرورت آهي، گڏيل قومن جي اپيل تي عالمي برادري اڳتي اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو