گڊو ۽ سکر بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

گڊو ۽ سکر بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

سکر ( ن سنڌيار ) گڊو ۽ سکر بئراج تي سنڌوءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، تونسا بئراج تي چاڙهه بعد وهڪرا 6 لک 22 هزار 95 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آهن. تونسا جي وهڪرن ۾ 18 ڪلاڪن دوران 22 هزار ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ، گڊو بئراج تي سنڌوءَ جا وهڪرا 5 لک 12 هزار 595 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن. سکر بئراج وٽ درياهه جا وهڪرا 5 لک 30 هزار 750 ڪيوسڪ برقرار آھي، نوشهر وٽ ڪابل نديءَ جي وهڪرن لاٿ شروع، ڪابل نديءَ تي انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪوٽڙي بئراج تي چولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو