آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري، رپئي جي قدر ۾ بهتري

آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري، رپئي جي قدر ۾ بهتري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري کانپوءِ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي.سومر تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ ايندڙ قسط جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري جو ڏيک آهي.اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ڪاروبار دوران آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ هن وقت تائين 2 رپيا 42 پئسا گهٽتائي ٿي آهي جنهن سان هڪ ڊالر 219.50 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت 26 پئسا في رپيو هئي ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ تي هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 221.92 رپيا هئي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اتارچند جو رجحان آهي، جتي ڪاروبار جي شروعات تي هينڊريڊ انڊيڪس 511 پوائنٽس وڌي 43 هزار کان مٿي ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو