وفاقي حڪومت ٻه ٽي ڏينهن اڳ ٻوڏ متاثرن جو خيال آيو: عمر سرفراز

وفاقي حڪومت ٻه ٽي ڏينهن اڳ ٻوڏ متاثرن جو خيال آيو: عمر سرفراز

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت جي اطلاعات واري صلاحڪار عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت کي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ٻوڏ متاثرن جو خيال آيو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر سرفراز چيما چيو ته پنجاب حڪومت گذريل هڪ مهيني کان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن کي به آفت قرار ڏنو ويو آهي.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، انهن جي مدد لاءِ فنڊ گڏ ڪيا پيا وڃن.عمر سرفراز چيما جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سڀاڻي ٽيلي فون ڪرڻ وارو آهي، پنجاب جو وڏو وزير ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير به ساڻس گڏ هوندو.هن اهو پڻ چيو ته اميد آهي ته سڀاڻي جي ٽيليٿون ۾ مخير حضرات ڀرپور شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو