موريو خان رند واسين جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

موريو خان رند واسين جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار)ڳوٺ موريو خان رند جي برسات متاثرين رهواسين جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي برسات متاثرن سوين ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آهي ته يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو ديه چارو جا مڪمل ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ٻڏي ويا آھن ڪيترائي ڪچا گهر پڻ ڪري پٽ پئجي ويا ويا چونڊيل نمائيندن ۽ ڪامورن ڪو تحرڪ نه ورتو سوين مقامي ڳوٺاڻا مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ڪري معصوم ٻچڙن نياڻين سميت بکون ڪاٽڻ سبب ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي بيحال بڻيل آھن سرندي وارن کان مالي سهائتا جي گهر؛ جڏهن ته مذڪوره رهواسي مظاهرين جلال رند؛ محمد ھارون رند؛ حبدار علي رند؛ ۽ ٻين ڳوٺاڻن سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ کي ھميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي پر ڪڏهن به تڪ جا چونڊيل نمائيندا توڙي جو ھن مشڪل وقت ۾ به اسان وٽ لڙي نه آيا آهن مسلسل ھلندڙ برساتن جي ڪري اسان جا گهر ڊھي ويا آهن اسان جا ٻچڙا کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن اسان جي تڪ جي چونڊيل نمائيندن اسان جي واھر نه ڪئي متاثر پورهيتن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گهرن جا ڪچا رستا ٻڏي ويا فصل به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي تباه ٿي ويا ڪافي مال به مري ويو آهي مزودري تي نڪرڻ جهڙا به نه رهيا آهيون ھڪ ته معصوم ٻچا بک تي آھن جنهن جي بيوسي ڏسي ويتر پريشانين ۾ جڪڙجي ويا آهيون سرڪار طرفان جيڪو راشن وغيره ملي ٿو اهو به لڪ ڇپ اندر صرف من پسند ماڻهن ۾ ورهائي رڳو فوٽو سيشن ڪئي پئي وڃي ٻي طرف برساتي گندگي وارو جمح ٿيل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ مختلف وبائي بيماريون تيزي سان ڦھلجي رهيون آهن پر اسان مسڪينن جي تڪ جو ڪوبه چونڊيل نمائيندو سار سنڀال لهڻ لاء تيار ئي ناهي هنن چيو ته ڇا اسان ھن ملڪ جا نه آھيون جو اسان کي اقليت کان به گهٽ ھيسيت ڏني وئي آهي اسان جو ڳوٺ قديمي آباد آهي جنهن هر دور ۾ پ پ پ کي ووٽ ڏنا پر ضلعي ٽنڊو محمد خان جي سياسي اڳواڻن کي صرف هي ڳوٺ اليڪشن وقت نظر ايندو آهي ان ڪري اڄ تائين اسان جي ڳوٺ کي نه اسڪول نه روڊ نه بجلي نه گئس ۽ نه ئي وري ڪا ٻي اهڙي بنيادي سھولت ملي سگهي آهي مظاهرين حڪومت سنڌ ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته خدارا ھن ڏکئي وقت ۾ اسان مسڪين پورهيتن جي به مالي سهائتا ۽ مدد ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو