ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪار بهروز سبزواري ااقرار ڪيو آهي ته مون زال کي چيو هو ته منهنجي والدين کي ڪجهه به نه چئجانءِ، اڪيلي ۾ مونکي ڀلي جوتا هڻجانءِ. هڪ انٽرويو م جڏهن پڇيو ويو ته نوجوان نسل جي رشتن ۾ ڪهڙيون ٽي شيون نه آهن جيڪي شادين جي ناڪامي جو سبب بڻجن ٿيون؟ ان جي جواب ۾ بهروز سبزواري چيو ته سڀ کان پهرين شادين تي وڏي پئماني تي خرچ ٿيندو آهي، ڇو ته اسان هتي شادين تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪندا آهيون، اهڙين تقريبن جي ڪري هڪ ٻئي لاءِ اميدون پيدا ٿينديون آهن، رشتن ۾ واڌارو ٿيندو آهي، پر هو پنهنجي حيثيت کي خوبصورتيءَ سان پيش ڪندا آهن. شادي کان پوءِ جڏهن ٻنهي ڌرين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته حقيقتون مختلف هونديون آهن. هن چيو ته مان مارننگ شوز ۾ شادين ۽ مهانگي برانڊ جا ڪپڙا ڏيکارڻ جي سخت خلاف آهيان، اهڙي صورت ۾ اهي ڇوڪريون ڇا ڪن جن جا والدين مهانگي شاديون نٿا ڪرائي سگهن؟ اسان جي ماڻهن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي پئسا خرچ ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن. ٻئي سبب جي وضاحت ڪندي بهروز سبزواري چيو ته جيڪڏهن مڙس ۽ زال جي وچ ۾ سٺي مفاهمت هجي ته ڪو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هن پنهنجي زال سان جيڪا ڳالهه ڪئي اها شيئر ڪئي ۽ چيو ته ”مون سفينه کي چيو هو ته جيڪڏهن منهنجا ماءُ پيءُ توکي ڪجهه چون ٿا ته ڪمري ۾ اچي مون کي جوتا هڻجانءِ پر کين ڪجهه به نه چئجو. ٽيون مشورو ڏيندي اداڪار چيو ته مڙسن کي گهرجي ته هو پنهنجين زالن سان مخلص هجن ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ سکن، برداشت ڪن.










